پرٿوي راج چوهاڻ

پرٿوي راج چوهاڻ: راج چوهاڻ'>پرٿوي راج چوهاڻ، دهليءَ ۽ اجمير جو آخري هندو راجا هو. جيڪو ’راءِ پتورا‘ جي نالي سان به مشهور هو. هن جي بهادريءَ جا قصا اتر هندستان ۾ مشهور آهن. 1191ع ۾ هن محمد غوريءَ کي تراوڙي جي ميدان تي شڪست ڏني هئي، پر 1192ع ۾ محمد غوريءَ کيس شڪست ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. پرٿوي راج ۽ سميڪتا جو قصو مشهور آهي، جنهن کي پوءِ جي هندي شاعرن عشقيه ۽ سورهيائيءَ جي قصي طور ڳايو. هندي ۽ گجراتي ادب ۾ هن بابت گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. ”پرٿوي راج راسو“ اهڙي ئي هڪ تصنيف آهي. ڪجهه عرصو اڳ هڪ هندستاني نجي ٽي. ويءَ تان پرٿوي راج جي زندگيءَ تي هڪ ڊرامو پڻ نشر ٿيو هو.


لفظ پرٿوي راج چوهاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو